واٽس ايپ ۾ هڪ نئون فيچر شامل ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪالنگ جي تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو.
هڪ رپورٽ موجب، هي فيچر بيٽا ورزن ۾ ڪجهه واهپيدارن کي دستياب آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ ۾ هڪ نئون ڪال مينيو انفرادي ۽ گروپ چيٽس لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
هن فيچر تحت ڪال مينيو کي چيٽ باڪس جي مٿان آندو ويندو.
هن نئين تبديلي کانپوءِ چيٽ ونڊو مان وائس ۽ وڊيو ڪالز جا بٽڻ ختم ڪري انهن کي هڪ ئي بٽڻ سان جوڙيو ويندو.
جڏهن واهپيدارن ان بٽڻ تي ڪلڪ ڪندو ته هڪ مينيو پوپ اپ ٿيندو، جتان هو وائس يا وڊيو ڪال مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري سگهندا.
ان مينيو ۾ واهپيدارن کي ڪال لنڪ ٺاهڻ ۽ شيئر ڪرڻ جو شارٽ ڪٽ به ملندو، جنهن ذريعي ڪنهن به ڪال ۾ ٻين ماڻهن کي شامل ڪرڻ جو عمل وڌيڪ آسان ٿي ويندو.
ان فيچر ذريعي صارف ڪنهن به واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ڪنهن خاص شخص يا ڪجهه مخصوص ماڻهن کي چونڊي کين ڪال ڪري سگهندو.
هاڻي جڏهن گروپ ڪال ڪئي ويندي ته اها گروپ جي سڀني ميمبرن تائين پهچندي آهي يا هر ڪو ان جو حصو ٿي سگهي ٿو.
هن کان اڳ ڊسمبر 2024 ۾ واٽس ايپ وڊيو ۽ آڊيو ڪالنگ کي بهتر بڻائڻ لاءِ نوان فيچرز پيش ڪيا هئا.
ان موقعي تي وڊيو ڪالنگ افيڪٽس ۽ ڊيسڪ ٽاپ ورزن ۾ بهتري جو اعلان ڪيو ويو هو.
ڪمپني جو چوڻ هو ته وڊيو ڪالنگ جي معيار کي پڻ وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.
جوز بٽلر انگلش ٽيم جي قيادت ڇڏي ڏني
اهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر ڪپتاني تان استعيفي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جوز بٽلر چيو...