رمضان جي مهيني ۾ ماڻهو روزو هجڻ ڪري سڄو ڏينهن ڪجهه به ناهن کائيندا ۽ افطار جي وقت فطري طور تي بُک لڳل هوندي آهي.
سڄو ڏينهن ڪجهه نه کائڻ ۽ پيئڻ جي ڪري بُک ته لڳڻ ته فطري ڳالهه آهي ئي آهي پر اهو عمل گهڻو کاڌو کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو جيڪو عمل صحت لاءِ ڪهڙي به صورت ۾ سُٺو سنئوڻ ناهي هوندو.
افطاري وقت ڪيترائي ماڻهو خوراڪ کي صحيح نموني چٻاڙڻ بنا ئي تيزيءَ سان کاڌو کائيندا آهن يا ڳهندا ويندا آهن جنهن جي ڪري پيٽ ڦوڪجڻ، تيزابيت ۽ واڌو گيس سميت سيني ۾ ساڙي جهڙي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو.
ساڳئي ئي ريت ڪيترائي ماڻهو روزو کولڻ وقت صحت لاءِ فائديمند خوراڪ جي چونڊ ناهن ڪندا جنهن جي ڪري به صحت به ناڪاري اثر پون ٿا.
صحيح خوراڪ سان روزو نه کولڻ
اڄڪلهه روزو کولڻ وقت تمام گهڻي مقدار ۾ مختلف مختلف شيون گڏ ڪرڻ جو رجحاڻ تمام گهڻو آهي جيڪو عمل صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن توهان روزو کولڻ وقت گهڻي تيل واريون يا تريل شيون جهڙوڪ پڪوڙا ۽ سموسا وغيرا کائو ٿا ته اهو عمل توهان جي پيٽ کي ڦوڪڻ، گيس، تيزابيت ۽ ساڙي جو سبب بڻبو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته افطاري دوران سڀ کان پهريون ڪتل يا وري پاڻي سان کاڌي جي شروعات ڪرڻ گهرجي.
ڪتل سان بلڊ شگر جي سطح به برقرار رهندي آهي جڏهن ته هاضمي کي متاثر ڪرڻ بدران ئي جسماني توانائي فوري طور تي وڌي ويندي آهي.
اهڙي ريت سڄو ڏينهن پاڻي نه پيئڻ جي ڪري پاڻي پيئڻ سان جسم ۾ پاڻي جي سطح به معمول تي اچي ويندي آهي ۽ معدي کي ٻي خوراڪ کي هضم ڪرڻ ۾ به مدد ملي ٿي.
تيزي سان کائڻ
جيڪڏهن توهان افطاري وقت تمام تيزي سان کائو ٿا ۽ کاڌي کي صحيح نموني چٻاڙيو نٿا ته اهو عمل به پيٽ ڦوڪجڻ ۽ واڌو گيس جهڙا مسئلا وڌائي ڇڏيندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ صحيح نموني کاڌو چٻاڙي کائجي ته بهتر رهندو آهي، ڇو ته اسانجي دماغ کي پيٽ ڀرڻ جي لاءِ احساس کي سمجهڻ لاءِ وقت جي ضرورت هجي ٿي.
تريل يا وزني کاڌن جو استعمال
افطار وقت تريل شين جهڙوڪ سموسن ۽ پڪوڙن جو انتظام تمام وڻندڙ هوندو آهي پر اهو عمل تيزابيت، گيس ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جهڙا مسئلا وڌائي سگهي ٿو.
اهڙا کاڌا کائڻ سان هاضمي جي نظام تي ٻوجهه وڌندو آهي ۽ ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي.
گهڻو کاڌو کائي وڃڻ
بُک لڳل هجڻ ڪري گهڻي قدر ماڻهو حد کان وڌيڪ کاڌو کائي ويندا آهن يا گهڻو کاڌو کائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اصولي طور تي افطار وقت گهٽ مقدار ۾ کاڌو کائڻ صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي، گهڻي وقت کان بُک تي هجڻ ڪري کاڌو گهڻو کائي سگهجي ٿو پر اهو هاضمي واري نظام سميت معدي لاءِ نقصانڪار ۽ ٻين مسئلن جو سبب بڻجي ٿو.
مٺين شين جو استعمال
افطاري کانپوءِ شربت، بوتلون ۽ ٻيون شيون عام طور تي استعمال ڪيون وينديون آهن، جيڪي خالي پيٽ نقصانڪار هونديون آهن، گهڻو مٺاڻ شگر سميت فوري توانائي ڏيڻ کانپوءِ فوري طور تي سست به ڪري ڇڏيندو آهي. انڪري گهڻي مقدار ۾ مٺاڻ جو استعمال ٿڪاوٽ، مٿي جي سور ۽ ٻين نقصانن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
انڪري ضروي آهي ته افطاري وقت مٺاڻ کائڻ بدران ميون، ڪتل يا وري ڏهيءَ جو استعمال ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو ۽ ان سان صحت لاءِ فائدا ٿيندا آهن.