ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 500 رپين جو ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2143 رپيا گهٽتائي بعد 2 لک 57 هزار 639 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 24 ڊالر لاٿ کانپوءِ 2 هزار 863 جو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته فروري 2025 دوران في تولو سون مجموعي طور تي 8700 رپيا مهانگو ٿيو، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 7468 رپيا وڌي، ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 71 ڊالر اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
جوز بٽلر انگلش ٽيم جي قيادت ڇڏي ڏني
اهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر ڪپتاني تان استعيفي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جوز بٽلر چيو...