ماڻهو موت بابت تجسس رکن ٿا ته ان کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي، ڇا انسان جو جسم مرڻ کان پوءِ فوري طور ڪم ڪرڻ بند ڪري ٿو يا ڪي عضوا ڪم ڪرڻ جاري رکن ٿا؟
اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته مرڻ کان پوءِ به جسم ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو آهي، اچو ته انساني جسم جي باري ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڄاڻيون.
جيئن ئي موت ويجهو ايندو آهي ته عضوا جسم جو ساٿ ڇڏڻ لڳندا آهن. سڀ کان اڳ ساهه بند ٿي ويندو آهي، پهريان ساهه بيهي ويندو آهي ۽ پوءِ دل جي ڌڙڪن بند ٿي ويندي آهي. مٿين پنجن منٽن ۾ جسم کي آڪسيجن فراهم ناهي ٿيندي ان حالت کي پوائنٽ آف نو ريٽرن چيو ويندو آهي.
هڪ تحقيق موجب موت وقت جڏهن انسان جا سڀ حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ته تقريبن ٻن منٽن تائين آواز ڪنن ۾ ويندو آهي ۽ دماغ تائين پهچندو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته موٽر سڪلز ختم ٿيڻ سبب انسان ان تي ڪو رد عمل ظاهر ناهي ڪري سگهندو. ان صورت ۾ سندس ڪنن ۾ ڳالهايل لفظ هن تائين پهچي سگهند ٿا.
ماڻهوءَ جي مرڻ کان پوءِ به، سندس وار ۽ ننهن جا سيل ڪم ڪندا رهندا آهن ۽ وار ۽ ننهن وڌندا رهندا آهن. ڪجهه ماڻهن جي ڏاڙهي به وڌندي ڏٺي وئي آهي. اهو ئي نه پر دماغ به گهڻي وقت تائين سرگرم رهي ٿو.
اهڙي حالت کانپوءِ جسم جو گرمي پد هر ڪلاڪ ۾ 1.5 درجا گهٽجي ويندو آهي ۽ انساني کل 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ جيئري رهندي آهي. ڪجهه سيلز پنهنجو ڪم جاري رکندا آهن ۽ کل جيئري رهندي آهي. ايستائين جو گردو جگر ۽ دل 6 ڪلاڪن تائين جيئرا رهي سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ٽرانسپلانٽ جو عمل تمام ٿوري وقت ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي.
تحقيق ڏيکاري ٿي ته اسان جا جين مرڻ کان پوءِ به جيئرا رهندا آهن. ڄاڻ موجب موت کان پوءِ ڊي اين اي وڌيڪ سرگرم ٿي ويندو آهي ۽ وڌيڪ پروٽين ٺاهڻ شروع ڪندو آهي. انساني جسم زمين تي هجڻ جي ڀيٽ ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ تيزيءَ سان ڳري ٿو.
جوز بٽلر انگلش ٽيم جي قيادت ڇڏي ڏني
اهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر ڪپتاني تان استعيفي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جوز بٽلر چيو...