Welcome To Qalm-e-Sindh

ٻار ڄڻڻ عيوض مڙس کان 33 ڪروڙ رپيا گهرندڙ عورت ڪير آهي؟

ماءُ بڻجڻ ڪنهن به عورت لاءِ دنيا جو سڀ کان خوبصورت احساس هوندو آهي ۽ ماءُ بڻجڻ واري عورت ان کي انمول تحفو سمجهندي آهي پر هڪ عورت اهڙي به آهي، جنهن ماءُ بڻجڻ کي وڏي مالي فائدن لاءِ استعمال ڪيو.
ملائيڪا راجا جيڪا برطانيا جي رهواسڻ آهي، هن وقت پنهنجي ڪروڙ پتي مڙس ۽ ٻن ٻارن سان گڏ دبئي ۾ رهي ٿي.
ملائيڪا جي پنهنجي مڙس سان پهرين ملاقات 2017 ۾ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي جي شادي ٿي.
ملائيڪا راجا سڌو سنئون اعتراف ڪري ٿي ته هن پيسي لاءِ شادي ڪئي، شادي کانپوءِ هن پنهنجن مڙس کي واضح طور تي ٻڌايو هو ته هوءَ ان وقت تائين ماءُ نه بڻجندي، جيستائين هو ٻارن ۽ ماءُ جي ”مالي تحفظ“ کي يقيني نه بڻائيندو.
ملائيڪا انڪشاف ڪيو ته هن پنهنجي ڪروڙ پتي مڙس کان ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ 33 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا ۽ مڙس ڪيٻائڻ بنا کيس اها رقم ڏئي ڇڏي.
ملائيڪا موجب هن مڙس کان ملندڙ پيسا پاڻ ۽ ٻارن تي خرچ ڪيا، هن ان رقم مان 15 ڪروڙ رپين جو هڪ شاندار گهر خريديو، تقريبن 86 لک رپين جا 8 ڊيزائنر بيگز، 70 لک رپين جا لگزري زيور ۽ پنهنجي ڌيءُ لاءِ ڊيزائنر لباس خريديا، ان کانسواءِ هن پنهنجي صحت جي سار سنڀال تي به 70 لک رپيا خرچ ڪيا.

Facebook
Telegram
WhatsApp
LinkedIn
Email

Related Posts