Welcome To Qalm-e-Sindh

چيمپيئنز ٽرافي: برسات آسٽريليا کي سيمي فائنل ۾ پڄائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي گروپ بي ۾ افغانستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ اهم ميچ برسات سبب ختم، ٻنهي ٽيم کي هڪ هڪ پوائنٽ ملي وئي.
افغانستان جي 274 رنسن جي هدف جي جواب ۾ آسٽريليا 12.5 اوورن ۾ 1 وڪيٽ جي نقصان تي 109 رنسون ٺاهي چڪي هئي، پر برسات سبب ميچ روڪي وئي، جنهن کانپوءِ آئوٽ فيلڊ آلي هئڻ سبب ميچ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته گروپ بي جي 10 هين ميچ برسات سبب متاثر ٿي، ان کان اڳ 25 فيبروري تي آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ميچ به برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي، جنهن ۾ ٻنهي ٽيم کي هڪ هڪ پوائنٽ ملي هئي.
ميچ جي نتيجي کان پوءِ آسٽريليا گروپ بي مان سيمي فائنل ۾ پهچي وئي، جڏهن ته افغانستان ٽن ميچن کان پوءِ 3 پوائنٽون آهن.
ڏکڻ آفريڪا جي به ٻن ميچن کان پوءِ 3 پوائنٽون آهن. افغانستان کي هاڻي ايونٽ ۾ اڳتي وڃڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي شڪست جو انتظار رهڻو پوندو.
ميچ دوران افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 273 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.

Facebook
Telegram
WhatsApp
LinkedIn
Email

Related Posts