اهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر ڪپتاني تان استعيفي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جوز بٽلر چيو ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٽيم سندس قيادت ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهي ۽ سندس ڪپتاني ۾ انگلش ٽيم جي نتيجن مايوس ڪيو.
جوز بٽلر جو چوڻ هو ته هو پنهنجي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو، ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪپتان طور سندس آخري ميچ هوندي.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ انگلينڊ هنيئر تائين پنهنجون ٻئي ميچون هارائي چڪي آهي.
انگلينڊ کي ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ ۾ آسٽريليا ۽ ٻي ميچ ۾ افغانستان هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
جوز بٽلر انگلش ٽيم جي قيادت ڇڏي ڏني
اهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر ڪپتاني تان استعيفي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جوز بٽلر چيو...