Welcome To Qalm-e-Sindh

ڪيويز جي فائنل ڏانهن اڏام، آچر تي ڀارت سان فيصلائتو دنگل

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي ٻئي سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريقا کي 50 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
چيمپيئنز ٽرافي جو ٻيو سيمي فائنل لاهور ۾ کيڏيو ويو، جتي نيوزيلينڊ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ڪيويز پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 362 رنسون ٺاهيون، راچن رويندرا ۽ ڪين وليمسن سينچريون اسڪور ڪيون، ٻئي ترتيب وار 108 ۽ 102 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ڊيرل مچل ۽ گلين فلپس 49-49 رنسن جي اننگز کيڏي، ڏکڻ آفريقا جي لنگي نگيڊي 3، ڪگيسو ربادا 2، ويان ملڊر هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 312 رنسون ٺاهي سگهي، ڊيوڊ ملر 100 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي پر ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.
وان ڊر ڊوسن 69، ڪپتان باووما 56 رنسن سان اڳڀرا رهيا، ڪيويز طرفان مچل سينٽنر 3، فلپس 2، بريسويل ۽ راچن رويندرا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
نيوزيلينڊ ميچ ۾ 50 رنسن تان ڪاميابي ماڻي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جتي ان جو مقابلو 9 مارچ آچر تي ڀارت سان دبئي ۾ ٿيندو.

Facebook
Telegram
WhatsApp
LinkedIn
Email

Related Posts