Welcome To Qalm-e-Sindh

ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جون گهٽ ميچون رکڻ جو اهم ڪارڻ سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن ۾ ڪراچيءَ کي گهٽ ميچون ملڻ جو اهم ڪارڻ سامهون اچي ويو .
ذريعن موجب، گذريل ڪجهه سالن دوران تماشائي دلچسپي نه وٺڻ سبب ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جون گهٽ ميچون رکيون ويون، ڇاڪاڻ ته گذريل سال ٽڪيٽن جي وڪري ۾ گهٽتائي سبب پي سي بي ۽ فرنچائزن کي مالي نقصان ٿيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف ٽيمون پڻ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ ميچ رکڻ جي حق ۾ نه هيون، جڏهن ته ڪوئيٽا جو هوم گرائونڊ به پي ايس ايل 10 ۾ ڪراچيءَ بدران ٻئي شهر منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ڪوئيٽا جو هوم گرائونڊ هن ڀيري راولپنڊي ۽ لاهور ۾ رکيو ويو آهي.
ان کان کانسواءِ ٽڪيٽن جي وڪري ۽ تماشائين جي شرڪت جي بنياد تي راولپنڊي ۾ ميچن جو تعداد وڌايو ويو آهي.

Facebook
Telegram
WhatsApp
LinkedIn
Email

Related Posts