Welcome To Qalm-e-Sindh

ٽيم جي ڪارڪردگي تي بورڊ اختياريون ڏمريل، سينيئر رانديگرن به مشاورت شروع ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر رانديگرن چيمپيئنز ٽرافي ۾ خراب ڪارڪردگي سبب ايندڙ سيريز تان ” وقفو “ وٺڻ لاءِ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون اعليٰ اختياريون قومي رانديگرن جي ناڪام ڪارڪردگي تي سخت ناراض آهن.
انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ڪجهه رانديگر نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان پاسيرو ٿيڻ جو سوچي رهيا آهن ته جيئن ڊراپ ٿيڻ جو ليبل لڳڻ کان اڳ پاڻ ئي دستبردار ٿي سگهن.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ايندڙ اسائنمينٽ نيوزيلينڊ ۾ وائيٽ بال سيريز آهي، جتي قومي ٽيم 16 مارچ کان 5 اپريل تائين 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچون کيڏندي.
ذريعن موجب، نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، نسيم شاهه ۽ بابر اعظم کي ڊراپ ڪرڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ کان 60 رنسن تان شڪست ملي هئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو هو، جڏهن ته ٽيون ميچ برسات سبب رد ٿي وئي هئي.

Facebook
Telegram
WhatsApp
LinkedIn
Email

Related Posts