اهو هڪ غير معمولي نظارو هو. سعودي عرب جي راڄڌاني ۾ هڪ بند ڪمري ۾ ڳالھين جي ميز تي سينئر آمريڪي ۽ روسي اعليٰ عملدار آمهون سامهون ويٺا ھئا. هڪ پاسي ٽي اعليٰ آمريڪي عملدار هئا، ۽ انهن جي سامهون ٻه اعليٰ روسي عملدار هئا. ٻنهي جي وچ ۾ ٻه سعودي آفيسر ويٺا هئا ۽ اهي منظر يوڪرين ۽ يورپ لاءِ ڏکوئيندڙ هئا، جنھن لاءِ اهو هڪ عالمي ”سفارتي ڌماڪو“ هو.هن بند ڪمري مان نڪرندڙ تصوير ۾ نظر ايندڙ آمريڪي عملدارن ۾ پرڏيھي وزيرمارڪو روبيو ۽ قومي سلامتي صلاحڪار مائيڪ والٽز بابت تھ سڀئي ڄاڻن ٿا، پر ٽيون شخص گھٽ مشھور ھئي.اھو ٽرمپ سان گڏ گولف کيڏندڙ اسٽيو وٽڪاف هو، جنهن کي ٽرمپ خاص طور تي رياض موڪليو هو.
روس جي وفد ۾ پرڏيهي وزير کان علاوه، پيوٽن جو پرڏيهي معاملن جو صلاحڪار يوري يشاڪو شامل هو، جيڪوماضي ۾ روس پاران آمريڪا ۾ سفير طور ڪم ڪري چڪو آهي ۽ چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته واشنگٽن سان ڪيئن ڳالهايو وڃي.تصوير ۾ اجلاس جي ميزباني ڪندڙ ٻه سعودي شخصيتون پڻ نظر اچي رهيون آهن، جن ۾ پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار مساعد بن محمد العيبان شامل آهن.ماسڪو سعودي عرب ۾ هن بند ڪمري ۾ تمام وڏي اهميت حاصل ڪري ورتي آهي. ٽن سالن جي جنگ ۽ اولهه جي اڪيلائي کان پوءِ، روس عالمي سفارتڪاري ۾ سڀ کان وڏي ۽ اهم ترين ميز تي واپس موجود ھو.۽ ھتي نھ تھ يوڪرين جي نھ ئي وري يورپ جي نمائندگي ھئي.
دنيا جي اڪثر حصن ۾ ان منظرن کان پوءِ محسوس ٿيو ته ڄڻ روس ئي سڀ فيصلا ڪري رهيو آهي. يوڪرين ۾ ان دوران جڏھن سائرن گوني رھيو ھو. ماسڪو شايد اهو تاثر ڏيڻ چاهيو پي ته ھو شڪست کاڌل نه آهي ۽ نه مجبوري ۾ڳالهين جي ميز تي ويٺو آهي. اهو ائين هو تھ آمريڪا حملي آور کي دعوت ڏني ته هو پنهنجا شرط پيش ڪري.اهو سچ آهي ته آمريڪي عملدارن هن ملاقات کان اڳ اھو چيو هو ته اهي صرف اهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته روس امن قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو يا نھ. پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ ئي نتيجا ڪڍي چڪو آهي.
جڏهن هن گذريل هفتي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڳالهايو، ته هن بعد ۾ اعلان ڪيو ته روسي اڳواڻ چاهي ٿو ته “وڌيڪ ماڻهو نه مرن.” ٽرمپ پيوٽن کي پنهنجي فوج واپس وٺڻ لاءِ چئي پي سگھيو. پر هو واضح طور تي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ٺاھ ڪرڻ چاھي ٿو. جيئن هن اليڪشن کان اڳ واعدو ڪيو هو، تھ جئين اڳيان وڌي سگھجي.رياض ۾ چئن ڪلاڪن جي ڳالهين جي دور کان پوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ظاهر ٿيو ۽ اعلان ڪيو ته ڳالهين جي پهرين مرحلي تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ ٻئي ڌريون پنهنجن وفدن کي آخري شڪل ڏينديون. هن چيو ته روس واقعي جنگ جي خاتمي لاءِ هڪ سنجيده عمل جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو.
ھوڏانھن يوڪريني صدر حيرانگي جو اظهار ڪيو ته کيس رياض ۾ ڳالهين لاءِ ڇو دعوت نه ڏني وئي، جنهن کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جواب تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته “يوڪرين هڪ ڊيل ڪري سگهي ٿو.” هو ظاهري طور تي يوڪرين تي جنگ شروع ڪرڻ جو الزام لڳائي رهيو هو.جڏهن بي بي سي مار اي لاگو ۾ ٽرمپ کان پڇيو ته يوڪرين لاءِ سندس پيغام ڇا آهي، ته آمريڪي صدر جواب ڏنو، “مون ٻڌو آهي ته هو شريڪ نه ٿيڻ تي پريشان آھي.تھ هن وٽ ٽي سال ھئا ۽ ان کان اڳ بھ گهڻو وقت هو.” هي معاملو تمام آساني سان حل ٿي پئي سگهيو.ٽرمپ چيو تھ “توهان کي اهو شروع ئي نه ڪرڻ گهرجي ها،” توهان ڪا ڊيل ڪري پي سگهيا. “مان يوڪرين لاءِ ڊيل ڪري پئي سگھيس،جنھن سان انهن کي سڀ ڪجهه ملي وڃي ها، تقريبن سڄي زمين، ۽ ڪو به نه مري ھا، شهر تباهه نه ٿين ها.”
ٽرمپ جو چوڻ ھو تھ رياض ۾ ٿيندڙ ملاقات کان هو “تمام گهڻو پراعتماد” هو. “اها هڪ تمام سٺي ڳالهه ٻولهه رهي.” روس ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. هو بربريت کي روڪڻ چاهي ٿو. “منھنجو خيال آهي ته مون وٽ هن جنگ کي ختم ڪرڻ جي طاقت آهي.”پر آمريڪا کي روس جي جنگ ختم ڪرڻ ۾ روس جي دلچسپي تي ايترو يقين ڇو آھي؟
رياض جي ان بند ڪمري ۾ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ويٺو هو، جنهن تي آمريڪي خزاني کاتي پاران به پابنديون لاڳو ٿيل آهن. جڏهن روسي پرڏيهي وزير صحافين جي سامهون پيش ٿيو ته هن چيو ته آمريڪا تجويز ڏني آهي ته توانائي سان لاڳاپيل انفراسٽرڪچر تي حملا بند ڪيا وڃن.جنھن تي ھن جو جواب هو، “اسان وضاحت ڪئي ته اسان ڪڏهن به عام ماڻهن جي توانائي جي فراهمي کي خطري ۾ نھ وڌو آھي ۽ صرف انهن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جيڪي يوڪريني فوج جي ڪم ۾ اچي رهيا هئا.”
پر اھو سچ ناهي. مان پاڻ انھن جوھري ڪارخانن جي کنڊرن کي ڏٺو آهي جيڪي روسي ميزائلن سان نشانو بڻايا ويا هئا. آمريڪا هڪ اهڙي ملڪ سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي جنهن بابت واضح ثبوت آهن ته ان تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي.روس ڪنهن به قسم جي پوئتي هٽڻ جو اشارو به نه ڏنو . روسي پرڏيهي وزير چيو آهي ته هو يوڪرين ۾ نيٽو فوجن جي مقرري جو مخالف آھي. هي بيان اهڙي وقت تي آيو آهي جڏهن برطانيه پڻ چيو آهي ته سندس فوج يوڪرين ۾ مقرري لاءِ تيار آهي.
روس کي پوئتي هٽڻ جي به ضرورت ناهي ڇو ته ٽرمپ انتظاميه تسليم ڪيو آهي ته يوڪرين نيٽو جو حصو نه بڻجندو، جيئن ماسڪو مطالبو ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو يوڪرين جا اتحادي نه رڳو ان چمڪندڙ ميز جي چوڌاري ويٺل ماڻهن جي تصوير ڏسي حيران ٿي ويا پر انهن جي ڳالهائڻ جي طريقي تي بھ حيران ھئا تھ اھي ڪيئن ڳالھيون ڪري رھيا آھن.مستقبل جي سيڙپڪاري لاءِ ڳالهيون پابنديون هٽائڻ جو واعدو ڪندي نظر اچن ٿيون، جنهن جو مطلب آهي ته روس کي سزا نه پر ان جي جارحيت جو انعام ڏنو ويندو.
جيتوڻيڪ ماسڪو ۾ عملدارن ۽ ميڊيا جو خيال آهي ته روس ان نقطي تي پهچي چڪو آهي جتي ان کي هجڻ گهرجي،يعني آمريڪا سان برابري جي بنياد تي، هي شروعاتي ڏينهن آهن.بي بي سي انٽرنيشنل ايڊيٽر جيريمي براؤن جي مطابق، ڊونلڊ ٽرمپ کي لڳي ٿو تھ ريئل اسٽيٽ جي اصولن تحت ھڪ جنگ ختم ڪري سگهجي ٿو، پر ھن کي علم ھوندو تھ امن قائم ڪرڻ جنگ بندي حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ پيچيده آهي ۽ اهو طئي ڪرڻ جو عمل ان کان به وڌيڪ ڏکيو آهي ته ڪنهن کي زمين جو ڪيترو حصو ملندو.جيريمي براؤن موجب، پيوٽن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو يوڪرين جي خودمختياري کي ٽوڙڻ چاهي ٿو. يوڪريني صدر زيلنسڪي کي ٽرمپ جي ڪانفرنس ٽيبل تي سيٽ ملي يا نه، هو ڪڏهن به ان تي راضي نه ٿيندو. تنهن ڪري، پائيدار امن قائم ڪرڻ جو عمل ڊگهو ۽ سست هوندو.