Welcome To Qalm-e-Sindh

روح افزا پاڪستاني آهي يا ڀارتي؟ تاريخي حقيقت ڄاڻيو

روح افزا ته اوهان سڀني پنهنجي زندگي ۾ هڪ نه هڪ ڀيرو پيتو هوندو پر ڇا اوهان گرمين جي هن شربت جي باني جي حوالي سان ڄاڻيو ٿا؟

روح افزا جي حوالي سان اڪثر اهو بحث ٿيندو آهي ته هي هندستاني آهي يا پاڪستاني؟

اصل ۾ روح افزا جو باني حڪيم حافظ عبدالمجيد 1883 ۾ هندستان ۾ پيدا ٿيو، حڪيم حافط عبدالمجيد مڪمل قرآن شريف سکيو ۽ حفظ ڪيو پوءِهن اردو ۽ فارسي ٻوليون سکيون، انهن ٻولين تي عبور حاصل ڪرڻ بعد هن يوناني طب جي نظام تي اعليٰ ڊگري حاصل ڪئي.

1906 ۾ حڪيم هافظ عبدالمجيد پنهنجي زال سان صلاح ڪري دهلي هائوس قاضي ۾ جڙي ٻوٽين جو دڪان کوليو جيڪو بعد ۾ 1920 ۾ هڪ پراڊڪشن هائوس همدرد ۾ تبديل ٿي ويو. هن روايتي يوناني دوائن سان جڙي ٻوٽيون چونڊي هڪ شربت تيار ڪيو ۽ ان جو نالو روح افزا رکيائين جنهن جو سنڌي ۾ مطلب روح کي تازگي ڏيندڙ شئي آهي.

حڪيم حافط عبدالمجيد 22 مارچ 1922 تي 40 سالن جي عمر ۾ لاڏانو ڪري ويو جنهن بعد سندس ڪاروبار هن جي زال ۽ پٽن سنڀاليو.

1947 ۾ ورهاڱي جو اثر روح افزا تي به پيو. حڪيم عبدالمجيد کي ٻه پٽ هئا، وڏي پٽ هندستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته سندس ننڍو پٽ محمد سعيد پاڪستان هليو ويو ۽ اتان همدرد شروع ڪيائين.

روح افزا ڀارت ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي جتان شروعاتي طور تي جرمني ۾ ڊيزائن ڪيل شيشي جي بوتلن ۾ متعارف ڪرايو ويو بعد ۾ ان کي پلاسٽڪ ۾ تبديل ڪيو ويو.

2019 ۾ هن جي پيداوار لاءِ گهربل جڙي ٻوٽين جي محدود دستابي جي ڪري روح افزا جي کوٽ ٿي پئي.

انهن سالن دوران روح افزا پچناول، صافي ۽ روغن بدم شيرين جهڙين شين کي شامل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پراڊڪٽ کي هٿي ڏني.

Facebook
Telegram
WhatsApp
LinkedIn
Email

Related Posts