رياض (ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ بجلي واهپيادرن لاءِ خوشخبري سامهون آئي آهي.
واهپيدارن جي تحفظ لاءِ قائم ڪيل اداري اعلان ڪيو آهي ته رمضان جي ڀلاري مهيني دوران بجلي ڪمپني بل ادا نه ڪرڻ تي واهپيدارن جا بجلي ڪنيڪشن نه ڪاٽيا ويندا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بجلي ڪمپني تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ته هو رمضان دوران ڪنهن به سبب بجلي جو سلسلو بند نه ڪندي.
اهڙي طرح اسڪولن جي امتحانن جي ڏينهن ۾ به جيڪڏهن بل ادا نه ڪيو ويو ته به بجلي نه ڪاٽي ويندي.
ان کانسواءِ سخت گرمي دوران منجهند 12 وڳي کان پوءِ به بجلي بند ڪرڻ تي پابندي هوندي.
جوز بٽلر انگلش ٽيم جي قيادت ڇڏي ڏني
اهور (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر ڪپتاني تان استعيفي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جوز بٽلر چيو...